بن سومار

بن سومار: سومرن جي آڳاٽي ۽ پهرين مشهور سردار ’سومار‘ جو پٽ، جيڪو پنهنجي پيءُ جي نالي پويان ’ابن سومار‘ (سومار جو پٽ) سڏجڻ لڳو. حالانڪه سندس پنهنجو ذاتي نالو ’راجپال‘ هو. ڪتاب ’سُومرن جو دور‘ جي لکت موجب ’ابن سومار‘ سنه 423 هه (1032ع) ۾ سلطان مسعود غزنوي جي عهد حڪومت ۾ زنده هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو